Udhyaana Banner 1
Udhyaana Banner 1
Udhyaana Banner 1

توهان جي آواز

اسان جي باري ۾

سنڌ ایجوکیشن الائنس جو مقصد لاڙڪاڻي ۾ موجود والدين، مقامي حڪومت، ميڊيا ۽ تعليمي ادارن جي وچ ۾ مضبوط ڳانڍاپو پيدا ڪرڻ آهي. اسان جي ڪم جو محور تعليمي شعبي ۾ درپيش چيلينجن کي نمايان ڪرڻ آهي جنهنجي ڪري علائقي ۾ موجود شاگردن جي سکيا متاثر ٿي رهي آهي. اسان تعليمي ادارن ۾ سهولتن جي کوٽ، علائقي جي اسڪولن جي خراب حالتن ۽ اسڪول نه ويندڙ ٻارڙن جي تعداد جي نشاندهي ڪئي آهي ۽ ڪارنر ميٽنگن، ورڪشاپن، سيمينارن ۽ ريلين ذريعي ڪميونٽين تائين اهيو پيغام پهچائڻ چاهيون ٿا ته تعليمي معيار کي بهتر بنائڻ لاءِ کين اهم ڪردار ادا ڪرڻوآهي.

اسان جي ٽيم

جنید احمد - ٹیم لیڈر

جنيد احمد 2010 کان وٺي ڊولپمينٽ سيڪٽر ۾ نوجوانن کي مستحڪم ڪرڻ ۽ تعليم جي فروغ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن. پاڻ ماضي ۾ مشهور تنظيمن سان ڪم سان گڏوگڏ استادن ۽ ڪميونٽي ڊولپمينٽ جي ڪارڪنن کي ٻارن جي تدريسي طريقن جي تربيت ڏيندا رهيا آهن. پاڻ لاڙڪاڻي ۾ 150 کان مٿي رضاڪار جي ٽيم جي اڳواڻي ڪن ٿا. هن ٽيم 2018 ۾ هڪ وڏو سائنسي ميلو منقعد ڪيو جنهن ۾ 25000 کان وڌيڪ شرڪت ٿي.

محمد طارق

تاريخ ۽ ادب سان چاهه رکندڙ محمد طارق سمجھي ٿو ته تعليم جي ئي ذريعي ذهن ۽ روح جي ترقي ممڪن آهي. هن وقت پاڻ پاڪستان اسٽڊيز ۾ ماسٽر ڪري رهيا آهن ۽ 2015 کان جڏهن سنڌ ايڊيوڪيشن الائنس بند اسڪولن جي مسئلي کي اجاگر ڪرڻ لاءِ لانگ مارچ جي مهم هلائي تڏهن کان رضاڪارنا طور تي خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن.

جمشید احمد

جمشيد هڪ جوش ۽ جذبي سان ڪميونٽي لاءِ ڪم ڪندا رهيا آهن. لاڙڪاڻي جي هر عمر جي نوجوان سان ڪم ڪرڻ جو تجربو رکن ٿا. ڪافي سالن کان مهم ذريعي ڪميونٽين کي متحرڪ ڪرڻ ۽ لاڳاپيل اختيارين ۽ واسطيدار ڌرين کي تعليم کي پنهنجي پهرين ترجيح ڏيڻ لاءِ زور ڀريندو رهيو آهي.

شهزاد خاصخيلي

شهزاد سول انجنيئر آهن ۽ پنهنجي ڪمپني کي به هلائين ٿا. تعليم ۽ نوجوانن کي اڳتي آڻڻ جي جذبي سان سرشار شهزاد سنڌ يوٿ فائينڊيشن جي نالي سان تنظيم به هلائين ٿا. سندن هڪ وسيع پبلڪ ڊيلنگ تجربو آهي ۽ پاڻ مهم لاءِ سياسي ۽ عوامي ميڙاڪا ڪوٺائڻ ۾ ڪافي ڪارآمد ثابت ٿيا آهن.

عبدالرعوف بروهي

پاڻ ڊجيٽل ميڊيا جي طاقت ۾ ڪافي يقين رکن ٿا. رعوف ڊجيٽل ايڊووڪسي لاءِ مسئلن جي چڱي نموني جانچ پڙتال کان پوءِ تخليقي مواد تيار ڪن ٿا. پاڻ چارٽڊ اڪائونٽنٽ ٿيڻ چاهين ٿا پر سندن حقيقي جذبو تعليمي اصلاح سان سلهاڙيل آهي.

ضمير علي

پاڻ منفرد سوچ جا مالڪ آهن. ۽ مهم لاءِ ميڙاڪا ڪوٺائڻ، ڪميونٽيءَ ڪي متحرڪ ڪرڻ، رجسٽريشن، لاجسٽڪ وغيره جا ڪم سرانجام ڏين ٿا. ٽيم جو هڪ اهم عنصر هئڻ جي صورت ۾ ضمير ٻين جي ڀيٽ ۾ پنهنجو پاڻ ملهائين ٿا.

سيف الله وسيم

هڪ ميڊيڪل شاگرد هئڻ سان گڏ سيف الله سنڌ ايڊيوڪيشن الائنس جي ڊجيٽل ٽيم جو حصو آهن. جيڪا مهم جو هڪ اهم عنصر آهي. پاڻ ڪميونٽي ۾ مختلف سماجي سرگرمين ۾ پڻ حصو وٺندا آهن.

اسان سان شامل ٿيو

رضامند بڻيو